سنڌي لوڪ ڪلا

سنڌي لوڪ ڪلا

سنڌي لوڪ ڪلا

سنڌي لوڪ ڪلا (ڪتاب): هي ڪتاب جگديش شڪارپوريءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ 16 مارچ 2008ع تي ’اکل ڀارت سنڌي لوڪ ڪلا جشن ۽ سيمينار‘ جو احوال ۽ ان ۾ پڙهيل هيٺيان مقالا شامل آهن: (1) سنڌي لوڪ سنگيت پرمپرا (روايت): ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، (2) سنڌي لاڏا – اڳ ۽ هاڻي: مينا شهدادپوري، (3) سنڌي لوڪ سنگيت جي ڦهلاءَ ۾ آڪاشواڻين
(ريڊيو اسٽيشن) جو يوگدان: ويڙهو رفيق، (4) لوڪ ناچ: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، (5) سنڌي لوڪ ناٽڪ: جگديش شهدادپوري. ڊيمي سائيز جي 62 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب رنگ ساگر پبليڪيشن، احمد آباد 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قميت 80 روپيا آهي.


لفظ سنڌي لوڪ ڪلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو